سيد فضل شاهه فضل

سيد فضل شاهه ’فضل‘: سيد فضل علي شاهه، 24 ربيع الاول 1284هه/ 1867ع ۾ مدئجي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس شجره نسب امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو. سيد فضل علي شاهه ڪافيءَ جو بهترين شاعر هو. شاعريءَ ۾ ’فضل‘ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس وڏو ڀاءُ سيد شاهنواز شاهه پڻ ڪافيءَ جو شاعر هو. سيد فضل علي شاهه، سچل جي درگاهه سان وابسته ٿيو ۽ سخي قبول محمد اول جو طالب بڻيو ۽ تنهن کانپوءِ باقاعدي شاعري ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ سه حرفيون، ڪافيون، منقبتون ججهي تعداد ۾ لکيائين، جيڪي مختلف صوفي سنگن ۾ ڳايون وڃن ٿيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو ڪافين جو ڪتاب مرتب ڪيو هو، ان ۾ پڻ سندس ڪافيون شامل آهن. هن حضرت سچل سرمست جي فارسي شاعريءَ جو قلمي نسخو ’عشق آشڪارا‘ ۽ سيد ثابت علي شاهه جي شاعريءَ جو پڻ قلمي نسخو تيار ڪيو هو، جيڪو سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪافيون لکيائين.
سيد فضل شاهه روحاني پيشوا به هو. سندس مريدن جو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪافي تعداد هو. سندس ڪچهريءَ ۾ اڪثر اهل علم ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا، بيرنگ فقير ۽ محمد فقير کٽياڻ سان سندس ويجهڙائي رهي، جن جا خط پڻ سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهن. هن 102 سالن جي عمر ۾ 8 شعبان 1386هه/ 1964ع ۾وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو